رسول ﷺ فرمايو:
ٻن لعنتِي ڪمن کان بچو. عرض ڪيو: يا رسول الله! ڪھڙا ٻه لعنتِي ڪم؟ فرمايائون: جيڪو ماڻھن جي گُذرگاھُن ۽ ان جي ڇانوَ وارين جڳهن تي قضائي حاجت (پاخانو ۽ پيشاب) ڪري ٿو. [صحيح مسلم 618]
[رستن تي پاخانو يا پيشاب ڪرڻ لعنت جو مستحق بڻائي ٿو جنھن سان گذرندڙ اذيت محسوس ڪندا آھن تہ پوءِ جيڪي رستن کي ئِي بند ڪري ڇڏين ٿا جنھن سان ڪيترائي مسافر، مريض، واپاري بلڪي پورو ملڪ ان جِي اذيت ۾ مبتلا ٿيندو آھي اِھو عمل الله تعالٰي وٽ ڪيڏِي لعنت ۽ ڏمر جي لائق ھوندو!]
ورتل: maktabahsalafiyyah.org
جمع ۽ ترميم : ابو خديجه زاھد