Skip to content

خالِص توحيد ڪِيئَن حاصل ٿي سگهي ٿي؟

Islamic Article

خالِص توحيد ڪِيئَن حاصل ٿي سگهي ٿي؟
شيخ عبدالعزيز بن عبداللّٰه آلِ شيخ حفظه اللّٰه

بسم اللّٰه الرحمٰن الرحيم

سوال: ھڪ مسلمان قبرن جِي عبادت ۽ مزارن جِي زيارت وغيره کان پاڪ خالص توحيد کي ڪِيئَن حاصل ڪري سگھي ٿو ؟

جواب: علماء ڪرام فرمائِين ٿا: توحيد کي شرڪ جي سڀني نشانين، بدعتن ۽ گناھن کان پاڪ ڪرڻ سان ئِي چڱي نموني جيئن ان جو حق آھي اِئين حاصل ڪري سگھجي ٿو. ان ڪري جو بيشڪ شرڪ, توحيد جو بلڪل ضد آھي ۽ بدعتون ان ۾ نُقصَ ۽ گناھَ ان جي ثواب ۾ گھٽتائِيءَ جو سبب آھن.

توحيد کي ھِن طريقي سان حاصل ڪري سگھجي ٿو ته اسان بنا ڪنهن کي شريڪ ڪرڻ جي اڪيلي اللّٰه جِي عبادت ڪريون. ان جِي عبادت ۾ ڪنھن غير کي شريڪ نه ڪريون، نه ذبح ڪرڻ ۾، نه نذر ۽ باس باسَڻ ۾، نه دعا ۾، نه رِجا ۽ اميد ۾، نه ڊپ ۾، نه ھيبت ۽ خوف ۾، نه جُھڪاءَ ۾. اسان جون دعائون اڪيلي اللّٰه جي لاءِ ھجن. اسان جون نَذَرون ۽ باسُون اڪيلي اللّٰه جي لاءِ ھجن. فرمانِ بارِي تعالٰي آھي ته :

قُلْ إِنَّ صَلَاتِي وَنُسُكِي وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِي لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ

“چئو ته بيشڪ منھنجي نماز ۽ منھنجي قرباني ۽ منھنجو جِيئَڻُ ۽ منھنجو مرڻ اللّٰه رب العالمين جي لاءِ آھي.” [الانعام:162]

۽ فرمايو :

وَأَنَّ الْمَسَاجِدَ لِلَّهِ فَلَا تَدْعُوا مَعَ اللَّهِ أَحَدًا

“بيشڪ مسجدون ته اللّٰه جي لاءِ ئِي آھن, بس توهان اللّٰه سان گڏ ٻئي ڪنھن کي نه پڪاريو.” [الجن:18]

۽ فرمايو :

وَإِن يَمْسَسْكَ اللَّهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهُ إِلَّا هُوَ ۖ وَإِن يُرِدْكَ بِخَيْرٍ فَلَا رَادَّ لِفَضْلِهِ ۚ يُصِيبُ بِهِ مَن يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۚ وَهُوَ الْغَفُورُ الرَّحِيمُ

“۽ جيڪڏهن اللّٰه تو کي ڪا تڪليف پھچائڻ چاھي ته ان کانسواءِ ان کي ڪو به ھٽائڻ وارو ناھي ۽ جيڪڏهن اھو تو سان ڪَنھِن ڀَلائِيءَ جو ارادو ڪري ڇڏي ته ڪو ان جي فضل کي ھٽائڻ وارو ناھي. ھٌو ان (فضل) کي پنھنجي بندن مان جنھن لاءِ چاھي پھچائي ڇڏيندو آھي ۽ اُھو ئِي بيحد بخشڻ وارو ۽ نھايت رحم ڪرڻ وارو آھي.” [يونس:107]

توحيد جو حق ادا ڪرڻ وارو پنھنجي دل کي محبت, خوف ۽ اميد سان گڏ صرف پنهنجي رب سان جوڙيندو آھي ۽ توحيد جو حق ادا ڪرڻ وارو ڄاڻندو آھي ته مشڪل ڪشائي ۽ ڀلائيءَ جو حاصل ٿيڻ صرف اللّٰه تعاليٰ جي ھٿ ۾ آھي. ۽ غيراللّٰه کان دعا گهرڻ ان کي پڪارڻ ان جي پڪارڻ واري کي ڪو به نفعو نه ٿو ڏي ۽ نه ئِي فائدو پھچائي ٿو. اللّٰه تعاليٰ جو فرمان آھي :

وَمَنْ أَضَلُّ مِمَّن يَدْعُو مِن دُونِ اللَّهِ مَن لَّا يَسْتَجِيبُ لَهُ إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَهُمْ عَن دُعَائِهِمْ غَافِلُونَ

“۽ ان کان وڌيڪ گمراھ ڪير ٿِي سگھي ٿو جيڪو اللّٰه کان سواءِ انھن کي پڪاري ٿو جيڪي قيامت جي ڏينھن تائين ان جي دعا قبول نه ٿا ڪري سگهن ۽ اھي ته ان جي پڪارڻ کان ئِي بي خبر آھن.” [الاحقاف:5]

توحيد جو حق ادا ڪرڻ وارو انبيائن ۽ اوليائن کي پڪاري يا مدد طلب ڪري يا ان کان فرياد ڪري يا ان کان مشڪل ڪشائي ۽ قرض جي ادائگي ڪرڻ جي اميد رکي انھن کان ناھي گھرندو بلڪي اھو ته صرف ۽ صرف پنهنجي رب کي پڪاريندو آھي. جيڪو سڄي ڪائنات جو مالڪ ۽ بادشاھ آھي ھميشه زندھ آھي جنھن کي موت ناھي.

ڇو جي ڪري ان کي ھن ڳالھ جو علم ھوندو آھي ته انھن فوت ٿي وڃڻ وارن جي جسم کان انھن جون روحُون جدا ٿِي چڪيون آھن ھِي مُردہ آھن زندہ ناھن. جيڪو انھن کي پڪاري ٿو اُھي ان جي پڪار کي نه ٿا ٻڌن ۽ جيڪڏهن ٻڌي به وٺن ته قبول نه ٿا ڪري سگهن. اھي ڪنھن به شيءِ جِي طاقت نه ٿا رکن بلڪي اھي ته صرف مرده آھن. انھن کان دعا گهرڻ ۽ اِلتجا ڪرڻ انتھا درجي جي گمراھي ۽ بيوقوفي آھي ۽ اسان اللّٰه تعاليٰ کان ئِي عافيت جو سوال ڪريون ٿا.


مصدر: کیفیة تحقيق التوحيد الخالص

ورتل: MaktabahSalafiyyah