Skip to content

دين جا چار بنيادي قاعدا – شیخ الاسلام محمد بن عبدالوہاب رحمة الله

Islamic Article

بسم اللّٰه الرحمٰن الرحيم

مقدمه

القواعد الأربع

توحيد ۽ شرڪ کي سمجهڻ جا چار قاعدا

شیخ محمد بن عبد الوهاب رحمة اللّٰه عليه

آئون الله ڪريم کان، جيڪو عظيم عرش جو مالڪ آهي، دعا ٿو گهران ته هو دنيا ۽ آخرت ۾ تنهنجو ڪارساز (مددگار) ٿئي، ۽ تون جتي به هجين توکي برڪت وارو بڻائي. ۽ توکي انهن ماڻهن مان بڻائي جن کي جڏهن (نعمت) ڏني وڃي ته شڪر ڪن، جڏهن آزمائش ۾ وڌو وڃي ته صبر ڪن، ۽ جڏهن انهن کان ڪو گناهه ٿي وڃي ته استغفار (معافي گهرن) ڪن؛ ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي شيون خوشبختي ۽ سعادت جون نشانيون آهن.

ڄاڻي وٺو! الله تعاليٰ توکي پنهنجي فرمانبرداري جي طرف هدايت فرمائي، ته بيشڪ “حنيفيت” حضرت ابراهيم عليه السلام جي ملت (طريقي) جو نالو آهي؛ ۽ اهو هي آهي ته تون دين کي خالص ڪندي اڪيلي الله جي عبادت ڪرين، جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالإِنسَ إِلاَّ لِيَعْبُدُونِ

“۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته اهي منهنجي عبادت ڪن.” [الذاريات: 56]

پوءِ جڏهن توکي معلوم ٿي ويو ته الله تعاليٰ توکي رڳو پنهنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيو آهي، ته اها ڳالهه به ڄاڻي وٺ ته عبادت، توحيد کانسواءِ عبادت نٿي سڏائي سگهجي؛ جيئن نماز، پاڪائي (وُضو) کانسواءِ نماز نٿي بڻجي سگهي. تنهنڪري جڏهن عبادت ۾ شرڪ شامل ٿي وڃي ته اها فاسد (برباد) ٿي ويندي آهي، جيئن پاڪائيءَ جي حالت ۾ حدث (وضو کي ٽوڙڻ واريون شيون) ٿيڻ سان پاڪائي ختم ٿي ويندي آهي.

جڏهن توکي اها خبر پئجي وئي ته شرڪ جڏهن عبادت ۾ گڏجي ٿو ته ان کي برباد ڪري ڇڏي ٿو، عملن کي ضايع ڪري ٿو ۽ ائين ڪندڙ هميشه لاءِ جهنم جو مستحق بڻجي ٿو، ته توکي معلوم ٿيو ته تنهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ضروري ڳالهه ان (شرڪ) جي سڃاڻپ آهي، ته جيئن الله تعاليٰ توکي ان ڄار يعني الله سان شرڪ ڪرڻ کان نجات ڏياري، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو آهي:

إِنَّ اللّهَ لاَ يَغْفِرُ أَن يُشْرَكَ بِهِ وَيَغْفِرُ مَا دُونَ ذَلِكَ لِمَن يَشَاءُ

“بيشڪ الله ان (گناهه) کي معاف نه ڪندو ته ان سان گڏ ڪنهن کي شريڪ بڻايو وڃي، ۽ ان کان علاوه (ٻيا گناهه) جنهن لاءِ چاهي معاف ڪري سگهي ٿو.” [النساء: 48/116]

۽ اِها معرفت هنن انهن چار قاعدن (اصولن) جي ڄاڻڻ سان حاصل ٿيندي، جن جو ذڪر الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ فرمايو آهي:

پهريون قاعدو

تون اهو ڄاڻين ته اهي ڪافر جن سان رسول الله ﷺ جن جهاد ڪيو، اهي اِن ڳالهه جو اقرار ڪندا هئا ته الله تعاليٰ ئي خالق ۽ ڪائنات جو انتظام هلائيندڙ آهي، پر ان اقرار کين اسلام ۾ داخل نه ڪيو؛ ۽ ان تي دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

قُلْ مَن يَرْزُقُكُم مِّنَ السَّمَاءِ وَالأَرْضِ أَمَّن يَمْلِكُ السَّمْعَ والأَبْصَارَ وَمَن يُخْرِجُ الْحَيَّ مِنَ الْمَيِّتِ وَيُخْرِجُ الْمَيَّتَ مِنَ الْحَيِّ وَمَن يُدَبِّرُ الأَمْرَ فَسَيَقُولُونَ اللّهُ فَقُلْ أَفَلاَ تَتَّقُونَ

“(اي نبي!) کين چئو ته اوهان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير رزق ڏئي ٿو؟ يا ڪنن ۽ اکين جو مالڪ ڪير آهي؟ ۽ ڪير زنده کي مري ويل مان ڪڍي ٿو ۽ مري ويل کي زنده مان ڪڍي ٿو؟ ۽ ڪير سموري نظام جي تدبير (انتظام) ڪري ٿو؟ ته اهي هڪدم چوندا ‘الله’، ته پوءِ چئو ڇو نٿا ڊڄو؟'” [يونس: 31]

ٻيون قاعدو

اهي (مشرڪ) چون ٿا ته: “اسان انهن (بتن يا بزرگن) کي نٿا پڪاريون ۽ نه ئي انهن ڏي توجھ ڪريون ٿا، مگر صرف الله جو قرب ۽ سفارش حاصل ڪرڻ لاءِ.” پوءِ قرب جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَالَّذِينَ اتَّخَذُوا مِن دُونِهِ أَوْلِيَآء مَا نَعْبُدُهُمْ إِلاَّ لِيُقَرِّبُونَا إِلَى اللَّهِ زُلْفَى إِنَّ اللَّهَ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ فِي مَا هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ إِنَّ اللَّهَ لاَ يَهْدِي مَنْ هُوَ كَاذِبٌ كَفَّارٌ

“۽ جن الله کان ۽ سواءِ ٻيا ڪارساز بڻايا آهن (اهي چون ٿا ته) اسان انهن جي عبادت رڳو ان لاءِ ٿا ڪريون ته هو اسان کي الله جي ويجهو ڪري ڇڏين. بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالهه جو فيصلو ڪندو جنهن ۾ اهي اختلاف ڪن ٿا. يقيناً الله ان کي هدايت نٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو ۽ سخت ناشڪرو هجي.” [الزمر: 3]

۽ شفاعت (سفارش) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ اللّهِ مَا لاَ يَضُرُّهُمْ وَلاَ يَنفَعُهُمْ وَيَقُولُونَ هَـؤُلاء شُفَعَاؤُنَا عِندَ اللّهِ

“۽ اهي الله کان سواءِ اهڙين شين جي عبادت ڪن ٿا جيڪي کين نه نقصان پهچائي سگهن ٿيون ۽ نه فائدو، ۽ چون ٿا ته ‘هي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن’.” [يونس: 18]

۽ شفاعت جا ٻه قسم آهن: هڪ “شفاعتِ منفي” (رد ٿيل سفارش) ۽ ٻي “شفاعتِ مثبت” (ثابت ٿيل سفارش).

شفاعتِ منفي: اُها سفارش آهي جيڪا الله کان ۽ سواءِ ڪنهن ٻئي کان اهڙي معاملي ۾ گهري وڃي جنهن تي الله کانسواءِ ٻيو ڪو به قادر نه هجي؛ ۽ ان جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ أَنفِقُواْ مِمَّا رَزَقْنَاكُم مِّن قَبْلِ أَن يَأْتِيَ يَوْمٌ لاَّ بَيْعٌ فِيهِ وَلاَ خُلَّةٌ وَلاَ شَفَاعَةٌ وَالْكَافِرُونَ هُمُ الظَّالِمُونَ

“اي ايمان وارؤ! جيڪو رزق اسان اوهان کي ڏنو آهي ان مان خرچ ڪريو، ان ڏينهن جي اچڻ کان اڳ جنهن ۾ نه ڪو سودو ٿيندو، نه ڪا دوستي ڪم ايندي ۽ نه ڪا سفارش هلندي، ۽ ڪافر ئي ظالم آهن.” [البقرة: 254]

شفاعتِ مثبت: اها سفارش آهي جيڪا الله کان گهري وڃي، جنهن ۾ سفارش ڪندڙ کي سفارش جو شرف (اجازت) مليل هجي، ۽ جنهن جي لاءِ سفارش ڪئي پئي وڃي اهو اهڙو شخص هجي جنهن جي قول ۽ عمل کان الله تعاليٰ راضي هجي، ۽ اهو سڀ ڪجهه الله جي اجازت کان پوءِ ٿيندو؛ جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

مَن ذَا الَّذِي يَشْفَعُ عِنْدَهُ إِلاَّ بِإِذْنِهِ

“ڪير آهي جيڪو سندس اجازت کانسواءِ وٽس سفارش ڪري سگهي؟” [البقرة: 255]

ٽيون قاعدو

بيشڪ نبي اڪرم ﷺ اهڙن ماڻهن وٽ ظاهر ٿيا جيڪي پنهنجي عبادتن ۾ مختلف گروهن ۾ ورهايل هئا؛ انهن مان ڪي ملائڪن جي عبادت ڪندا هئا، ڪي انبياءِ ڪرام ۽ صالح (نيڪ) ٻانهن جي عبادت ڪندا هئا، ڪي وڻن ۽ پٿرن جي پوڄا ڪندا هئا، ۽ ڪي سج ۽ چنڊ جي عبادت ڪندا هئا. رسول الله ﷺ انهن سڀني سان جهاد ڪيو ۽ انهن جي وچ ۾ ڪو فرق نه رکيو؛ ۽ ان تي دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَقَاتِلُوهُمْ حَتَّى لاَ تَكُونَ فِتْنَةٌ وَيَكُونَ الدِّينُ كُلُّهُ لِلّه

“۽ انهن سان وڙهو تان جو فتنو (شرڪ) باقي نه رهي ۽ دين سڄي جو سڄو الله جي لاءِ ٿي وڃي.” [الأنفال: 39]

۽ سج ۽ چنڊ (جي پوڄا جي رد) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَمِنْ آيَاتِهِ اللَّيْلُ وَالنَّهَارُ وَالشَّمْسُ وَالْقَمَرُ لاَ تَسْجُدُوا لِلشَّمْسُ وَلاَ لِلْقَمَرِ وَاسْجُدُوا لِلَّهِ الَّذِي خَلَقَهُنَّ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ

“۽ رات، ڏينهن، سج ۽ چنڊ سندس نشانين مان آهن. اوهين نه سج کي سجدو ڪريو ۽ نه چنڊ کي، پر ان الله کي سجدو ڪريو جنهن کين پيدا ڪيو آهي، جيڪڏهن اوهين سچ پچ رڳو ان جي عبادت ڪرڻ وارا آهيو.” [فصلت: 37]

۽ ملائڪن (جي پوڄا جي رد) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَلاَ يَأْمُرَكُمْ أَن تَتَّخِذُواْ الْمَلاَئِكَةَ وَالنِّبِيِّيْنَ أَرْبَاباً…

“۽ نه وري هو اوهان کي اهو حڪم ڏيندو ته اوهين ملائڪن ۽ نبين کي پنهنجو رب بڻائي وٺو…” [آل عمران: 80]

۽ انبياءِ ڪرام (جي پوڄا جي رد) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَإِذْ قَالَ اللّهُ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ ءَأَنتَ قُلتَ لِلنَّاسِ اتَّخِذُونِي وَأُمِّيَ إِلَـهَيْنِ مِن دُونِ اللّهِ قَالَ سُبْحَانَكَ مَا يَكُونُ لِي أَنْ أَقُولَ مَا لَيْسَ لِي بِحَقٍّ إِنْ كُنْتُ قُلْتُهُ فَقَدْ عَلِمْتَهُ تَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِي وَلَا أَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِكَ إِنَّكَ أَنْتَ عَلَّامُ الْغُيُوبِ

“۽ جڏهن الله فرمائيندو: ‘اي عيسٰى ابن مريم! ڇا تو ماڻهن کي چيو هو ته الله کان سواءِ مون کي ۽ منهنجي ماءُ کي معبود بڻائي وٺو؟’ هو عرض ڪندو: ‘تون پاڪ آهين! مون کي اهو چوڻ ڪيئن زيب ڏئي ها جنهن جو مون کي ڪو حق نه هو. جيڪڏهن مون ائين چيو هوندو ته توکي ضرور معلوم هوندو. تون اها ڳالهه ڄاڻين ٿو جيڪا منهنجي دل ۾ آهي ۽ آ.ون ان کي نٿو ڄاڻان جيڪا تنهنجي نفس ۾ آهي. بيشڪ تون ئي غيبن جو ڄاڻيندڙ آهين’.” [المائدة: 116]

۽ صالحين (نيڪ ٻانهن جي پوڄا جي رد) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

أُولَـئِكَ الَّذِينَ يَدْعُونَ يَبْتَغُونَ إِلَى رَبِّهِمُ الْوَسِيلَةَ أَيُّهُمْ أَقْرَبُ وَيَرْجُونَ رَحْمَتَهُ وَيَخَافُونَ عَذَابَهُ…

“اهي (معبود) جن کي هي پڪارين ٿا، اهي پاڻ پنهنجي رب تائين پهچڻ جو وسيلو ڳولين ٿا ته انهن مان ڪير وڌيڪ ويجهو ٿئي، ۽ ان جي رحمت جي اميد رکن ٿا ۽ ان جي عذاب کان ڊڄن ٿا…” [الإسراء: 57]

۽ وڻن ۽ پٿرن (جي پوڄا جي رد) جو دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

أَفَرَأَيْتُمُ اللاَّتَ وَالْعُزَّى * وَمَنَاةَ الثَّالِثَةَ الأُخْرَى

“ڇا اوهان لات ۽ عُزيٰ کي ڏٺو؟ ۽ ٽئين هڪ ٻئي (بت) منات کي؟” [النجم: 19-20]

۽ حضرت ابو واقد ليثي رضي الله عنه کان مروي حديث آهي، هو فرمائن ٿا: “اسان رسول الله ﷺ جن سان گڏ حنين جي غزوه ڏانهن نڪتاسين ۽ اسان نوان نوان ڪفر مان نڪري (مسلمان ٿي) آيا هئاسين. مشرڪن جو هڪ ٻير جو وڻ هو جنهن وٽ اهي اعتڪاف ڪندا هئا ۽ پنهنجا هٿيار ان تي لٽڪائيندا هئا، ان وڻ کي ‘ذاتِ انواط’ چيو ويندو هو. جڏهن اسان هڪ ٻير جي وڻ وٽان لنگهياسين ته اسان عرض ڪيو: ‘اي الله جا رسول! اسان لاءِ به هڪ اهڙو ئي ذاتِ انواط مقرر ڪري ڏيو جهڙو انهن جو ذاتِ انواط آهي’.” (الحديث)

رسول ﷺ فرمايو الله اڪبر! اِهو ته اڳين قومن جو طريقو آهي. ان ذات جو قسم جنهن جي هٿ ۾ منهنجي جان آهي توهان اُها ئِي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا بني اسرائيل موسي عيليه السلام کي چئي ته اسان لا‏ءِ به اهڙو معبود بڻاءِ جهڙو هنن جو معبود آهي. موسي چيو بيشڪ توهان وڏي جاهل قوم آهيو.

چوٿون قاعدو

بيشڪ اسان جي زماني جا مشرڪ، اڳوڻن مشرڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ غليظ آهن ڇاڪاڻ ته اڳيان مشرڪ خوشحاليءَ جي وقت شرڪ ڪندا هئا پر سختيءَ ۽ مصيبت جي وقت خالص الله کي پڪاريندا هئا، جڏهن ته اسان جي زماني جي مشرڪن جو شرڪ هر حال ۾ (خوشحالي هجي يا تنگدستي) دائمي ۽ مسلسل رهي ٿو. ۽ ان تي دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

فَإِذَا رَكِبُوا فِي الْفُلْكِ دَعَوُا اللَّهَ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ فَلَمَّا نَجَّاهُمْ إِلَى الْبَرِّ إِذَا هُمْ يُشْرِكُونَ

“پوءِ جڏهن اهي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿين ٿا ته دين کي خالص ڪري الله کي پڪارين ٿا، پر جڏهن هو کين نجات ڏئي خشڪيءَ تي پهچائي ٿو ته هُو هڪدم ئي شرڪ ڪرڻ لڳن ٿا.” [العنكبوت: 65]

متن مڪمل ٿيو. الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ، سندن آل ۽ اصحابن تي رحمتون ۽ سلامتي نازل فرمائي.